ادريس عاجز عباسي

ادريس عاجز عباسي

ادريس عاجز عباسي

ادريس ”عاجز“ عباسي: شاعر، محقق، نقاد ۽ صحافي ادريس ”عاجز“ عباسي ولد مراد عباسي، پھرين مارچ 1976ع تي، ڳوٺ قائم ڪلهوڙي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، جڏهن ته ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم اڳڙا هاءِ اسڪول مان ۽ ايم.اي (سنڌي) جي ڊگري خانگي طور شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان حاصل ڪئي. 2000ع کان پنجن سالن تائين صراط المستقيم ايليمينٽري اسڪول، ٻيلهاڙو ۾ پرنسپال ۽ 2010ع کان عشر زڪوات کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ملازم رهيو. صحافت جي شروعات ’مھراڻ‘ اخبار کان ڪئي. بعد ۾ ’تعمير سنڌ‘، ’نجات‘، ’ڪوشش‘، ’سنڌو‘، ’سوڀ‘، ’عبرت‘، ’مھراڻ‘ ٽي.وي ۽آن لائين انڊس ٽي.وي جو تعلقي رپورٽر رهيو. آن لائين انڊس ٽي.وي ۽ مھراڻ ٽي.وي تان ادب، اديبن، تاريخي ماڳن، درگاهن ۽ ٻين موضوعن بابت سندس اهم رپورٽون آن ايئر ٿيون. شاعري جي شروعات مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس شاعري ۽ نثري تحريرون “ڏات“، ”هزار داستان“، ”سنڌو“، ”سوجهرو“، ”هالار“، ”نئين زندگي“، ”نئون نياپو“، ”پرهه“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. علم دوست ادبي سنگت، سنڌ جو ميمبر ، جوائنٽ سيڪريٽري۽ نائب صدر رهيو. گمبٽ يونين آف جرنلسٽ جو سينئر نائب صدر ۽ پريس ڪلب راضي ديري جو صدر رهيو. کيس عبرت اخبار پاران بيسٽ رپورٽر جو اوارڊ پڻ مليو. سندس ٻه ڪتابپانڌي ۽ پروڙ“ (نثر: 2014ع) ۽ ”سوچون، سپنا زندگي“ (شاعري: 2016ع) ڇپيل آهن. ادريس ”عاجز“ عباسي يرقان جي بيماري سبب 19 جون 2022ع تي وفات ڪئي.


لفظ ادريس عاجز عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.03.01  عيسوي

شاعر، محقق، نقاد ۽ صحافي ادريس ”عاجز“ عباسي ولد مراد عباسي، پھرين مارچ 1976ع تي، ڳوٺ قائم ڪلهوڙي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.


2022.06.19  عيسوي

ادريس ”عاجز“ عباسي يرقان جي بيماري سبب 19 جون 2022ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪيف رضواني
احمد خان گلزار
فاضل خان ٺٽوي
گل محمد رند
صهبا اختر
شيطان فقير
احسن الهاشمي
سوامي ڪلاچند ڪلياڻ
ضياء خياروي
عبدالفتاح عبد بٺورائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون